اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت 760 ملين اسپيشل ڊرائنگ رائيٽس اٽڪل 1.023 ارب آمريڪي ڊالرن جي ٻي قسط ملي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري پڌرائي موجب اها قسط آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي تي اطمينان ۽ پروگرام جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي روشني ۾ جاري ڪئي وئي آهي. ان رقم جو مقصد پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. اها رقم اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ شامل ڪئي وئي آهي ۽ اهو اضافو 16 مئي 2025ع تي ختم ٿيندڙ هفتي جي ذخيرن ۾ ظاهر ٿيندو. ان قسط جي وصولي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ چڱي خاصي بهتري جي اميد آهي جيڪا پرڏيهي ادائيگين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ مالياتي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندي. اسٽيٽ بئنڪ ان اڳڀرائي کيپ پاڪستان جي معيشت تي عالمي اعتماد جي علامت سمجهي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته ان سان نه رڳو مالياتي پاليسي کي سگهه ملندي پر سيرپڪارن جي اعتماد ۾ به اضافو ٿيندو.