اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته سکر کي عالمي هوائي اڏو بڻائڻ ۽ اتي جي رن وي کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران حاجي جمال ڪاڪڙ جي سوال تي پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ٻڌايو ته پي آءِ اي رياستي ادارو آهي، پي آءِ اي کي پائيدار بڻائڻ لاءِ عالمي مارڪيٽ کي اسٽيڊي ڪري هلڻو پوندو آهي، اسان کي پرڏيهي ناڻي ۽ آپريشنل خرچن کي به ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙن جي حوالي سان شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو. عاليه ڪامران جي ضمني سوال تي هن چيو ته عيد ۽ ٻين ڏڻن جي موقعي تي پي آءِ اي سميت سموري ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌي ويندا آهن. پي آءِ اي کي هاڻي منافعو ملي رهيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي. زرتاج گل جي سوال تي هن چيو ته پي آءِ اي 26ا رب روپين کان وڌيڪ جو منافعو حاصل ڪيو آهي، جنهن علائقي ۾ پي آءِ اي جون اڏامون نٿيون وڃن اتي جي آبادي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ نجي ايئر لائن سان لائسنس معاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي ۾ ڪنهن کي مفت اڏام جي سهولت ناهي، صرف ملازمن جي خاندانن کي رعايت ڏني ويندي آهي، هن چيو ته سکر کي عالمي هوائي اڏو بڻائڻ ۽ اتي جي رن وي کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن وقت اسان وٽ 19 جهاز آهن جنهن ۾ ٽرپل سيون (777) جا 6، 11 جهاز 320 ايئر بس جڏهن ته باقي اي ٽي آر جهاز آهن.