اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 1.486 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.997 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.390 ارب ڊالرز ۽ ٻين بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.607 ارب ڊالرز هو. 2 مئي تي ختم ٿيل هفتي ۾ پاڪستان وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.483 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 10.333 ارب ڊالرز ۽ ٻين بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.150 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 943 ملين ڊالرز ۽ ٻين بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 543 ملين ڊالرز جو اضافو ٿيو آهي.