اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) آپريشن بنيان المرصوص تحت ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي سڄي دنيا ۾ جشن جاري آهن. پاڪ فوج جي فتح تي نه رڳو ملڪ اندر پر عالمي سطح تي به جشن ملهايا پيا وڃن. آذربائيجان ۾ به ماڻهن پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ جشن ملهايو. لنڊن ۾ به ماڻهو پاڪستان جا جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا، پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا. پاڪستان جي فتح پوري قوم ۽ مسلمان امت ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.