لاهور-11 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي امن جي ڪاميابي آهي، دوست ملڪ سعوديه، ترڪي، ايران ۽ آمريڪا جا شڪر گزار آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي جارحيت کانپوءِ پاڪستاني ردعمل سبب جنگ بندي ممڪن ٿي، پاڪستاني جي عسڪري ۽ سياسي قيادت کي مبارڪون ڏيان ٿو. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڄي قوم نئين اڳڀرائي تي شڪراني جا نفل ادا ڪري، جنگ سان نه ڳالهين سان پائيدار مسئلن جو حل تلاش ڪرڻو پوندو.