اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪندي پرڏيهي وزير احمد عاطف علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرن جي طور تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻ رخي فورمز تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.