اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري قوم کي شڪراني واري ڏهاڙي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قيادت وقت سر فيصلن سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج بي مثال دليري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي اڳرائي جي جواب ۾ قوم شيهي جي ڀت بڻيل رهي، دشمن حملو ڪيو اسان تاريخ لکي. اويس لغاري چيو ته پاڪستاني قيادت وقت سر فيصلن سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سموري سياسي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي رهنمائي سان پاڪستان کي فتح نصيب ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج بي مثال دليري ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو، قوم کي ان تي فخر آهي، دشمن جي هر چال کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪ فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، هي پاڪ فوج سان گڏوگڏ پوري قوم جي فتح آهي. اويس احمد لغاري چيو ته پاڪستان دنيا کي ٻڌايو ته اسان امن جا خواهشمند آهيون پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان ٻڌايو ته اسان جنگ نٿا چاهيون جڏهن ته جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته جواب اهڙو هوندو جو دشمن به ياد رکندو. اسان پنهنجي خودمختاري، وقار ۽ سرزمين تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، الحمد الله پاڪستان سرخرو ٿيو آهي، هي الله جو ڪرم، عوام جي اتحاد ۽ قيادت جي بصيرت سان ممڪن ٿيو.