اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان ڀارتي جارحيت آڏو پختگي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنگيون ڪڏهن به مسئلا حل نٿيون ڪن ۽ پاڪستان پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار عالمي جاچ جي آڇ ڪئي پر آڇ کي قبول ڪرڻ بدران ڀارت فوجي اشتعال انگيزي جي چونڊ ڪئي ۽ پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته بار بار اشتعال انگيزي باوجود پاڪستان شروع ۾ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان امن ۽ هڪ معقول حل چاهيون ٿا پر ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ حملا شروع ڪيا. هن چيو ته پاڪستان پوري طاقت سان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪستان امن لاءِ پرعزم آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو.