اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف چيو آهي ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ٿيو. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فوج جي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير سڌو ۽ پاڪ فوج کي شاباش ۽ مبارڪون ڏيان ٿو. مسلم ليگ (ن) جي قائد چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ امن کي ترجيح ڏئي ٿو پر پنهنجو دفاع ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. پاڪستان زنده باد.