لاهور-10 مئي (اي پي پي)پنجاب جي وزيرعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پاڪ فوج جي ڀارتي جارحيت خلاف عبرتناڪ جوابي ڪارروائي تي پوري قوم کي فخر آهي. گذريل ڏينهن آپريشن ”بنيان المرصوص“ تي پاڪ فوج لاءِ اعزاز ۽ افتخار جو اظهار ڪرڻ لاءِ جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ڀارتي جارحيت ۽ بزدلي جو ڏينهن جي روشني ۾ ڏنو ويو، جيڪو هاڻي تاريخ جي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. پاڪ فوج جي ڀارتي جارحيت خلاف عبرتناڪ جوابي ڪارروائي تي پوري قوم کي فخر آهي، پاڪ سرزمين جا سپاهيو اسان کي اوهان تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ هڪ سپاهي ملڪ جي تحفظ جو قسم کڻي زنده آهي، پاڪستان جون سرحدون رڳو ڪنڊيدار تارن سان نه پر شهيدن جي رت سان محفوظ آهن، امن جا خواهشمند ضرور آهيون پر جارحيت جو جواب خاموشي سان نه پر طاقتور حملي سان ٿيندو آهي.