اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ رستو ڳولهڻ گهرجي. آمريڪي پرڏيهي وزير، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت رابطن کي ٻيهر قائم ڪرڻ تي زور ڀريو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس هڪ بيان ۾ چيو ته مستقبل ۾ تڪرارن کان بچڻ لاءِ تعميري ڳالهيون شروع ڪرڻ ۾ هن آمريڪي مدد جي آڇ به ڪئي. پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي هڪ سينئر عملدار مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان تي ڀارتي حملن ۽ پاڪستان جي رد عمل کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.