اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڀارت کي سختي سان خبردار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي جي جواب ۾ پاڪستان سخت ڪارروائي ڪندو ۽ پنهنجي دفاع لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ کان پوئتي نه هٽندو. خواجه آصف پنهنجي هڪ بيان ۾ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ قوم جي اڻٽٽ عزم کي اجاگر ڪندي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندي ڀارت کي خبردار ڪيو ته اسان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته الله اڪبر، اڄ جي ڪاميابي قرض ادا ڪري ڇڏيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان فيصلائتي ڪارروائي ڪئي ۽ ڪاميابي سان ڀارتي هوائي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت خلاف بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي هٿياربند فوج جي صلاحيت جي اظهار سان ڀارتي جارحيت جو مناسب جواب ڏنو آهي.