اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ ريل آپريشن بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ شيڊول مطابق جاري آهي. محمد حنيف عباسي علائقائي صورتحال جي حوالي سان وڌندڙ خدشن تي پاڪستان جي ريلوي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ريل آپريشنز جي نگراني ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ريلوي جو نظام مڪمل طور تي فعال رهندو. هن وڌيڪ چيو ته سموريون ريل گاڏيون پنهنجي وقت تي هلي رهيون آهن ۽ ڪا به ريل ملتوي نه ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير، اها به هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلويز جون سموريون ڪنٽرول آفيسون پنهنجي سينٽرل ڪنٽرول آفيس سان مسلسل رابطي ۾ رهنديون ته جيئن شهرين لاءِ بنا رڪاوٽ جي ريل سروس کي يقيني بڻائي سگهجي.