راولپنڊي-10 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير فجر جي نماز ادا ڪرڻ بعد قرآن پاڪ جي سوره الصف جي تلاوت ڪئي. ان صورت جي آيت نمبر 4 ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو. ”بيشڪ الله انهن ماڻهن سان محبت ڪري ٿو جيڪي الله جي رستي ۾ اهڙي طرح هڪ صف ٺاهي وڙهن ٿا ڄڻ ته هو شيهي جي ديوار بڻيل آهن“ آرمي چيف تلاوت کان پوءِ دعا ڪئي ۽ پاڪستان جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ تحت ڀارت تي ميزائيل حملا شروع ڪيا ويا. ”بنيان مرصوص“ جو مطلب شيهي جي ديوار آهي.