برسلز-09 مئي (اي پي پي) يورپي يونين، بيليجيم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي بيليجيم جي بادشاهه فلپ کي شاهي محل ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. بيليجيم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ موجب سفير ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ شاهه فلپ کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو.