ڪوئيٽه-08 مئي (اي پي پي) بلوچستان عوامي پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ وفاقي وزير مير خالد خان مگسي جي صدارت هيٺ بلوچستان عوامي پارٽيءَ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين صادق سنجراڻي، سيڪريٽري جنرل سينيٽر منظور ڪاڪڙ، سينيٽر محمد عبدالقادر، نائب صدر نصيب الله بازئي، بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ جان محمد جمالي، باني ميمبر سعيد احمد هاشمي، سينيٽر دنيش ڪمار ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر پرنس آغا عمر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڀارتي اڳرائيءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ـ ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پارٽيءَ جي مختلف اهم ڪميٽين جي جوڙجڪ ۽ عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي مير خالد خان مگسي چيو ته بي اي پي بلوچستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، بي اي پي جو نصب العين صرف عوامي خدمت ۽ صوبي جي ترقي آهي. پارٽيءَ جي آئين ۽ منشور موجب اهم مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته عوامي خدمتن کانسواءِ سياست بي معنيٰ آهي. بي اي پي جا ڪارڪن رابطا تيز ڪن.