اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان سينيٽر پرويز رشيد ملاقات ڪئي ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير رات جي اونداهي ۾ ڀارت طرفان مريدڪي ۾ واقع مسجد تي حملي کي بزدلاڻو قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت طرفان آئنده ڪا شرارت ٿي ته پاڪستان اهڙو جواب ڏيندو جيڪو دنيا هميشه ياد رکندي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي ۽ اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو ۽ پنهنجي سرحدن جي حفاظت کي صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت به گڏ آهي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪي دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. هن چيو ته پاڪ فوج جي بهادري ۽ دفاعي صلاحيتن تي قوم کي فخر آهي ۽ دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڀارت جي بزدلاڻي ڪاررواين جو نوٽيس ورتو وڃي. ملاقات دوران ملڪي سلامتي ۽ دفاع جي حوالي سان مختلف رخن تي به غور ڪيو ويو.