اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) ملڪي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي حج اڏامن جي مانيٽرنگ ۽ حج پانڌيئڙن جي معلومات جي فراهمي لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو. گذريل ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب اهو ڪنٽرول روم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي جميل الرحمان جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندو ۽ سڄي ملڪ ۾ حج جي جاري فلائيٽ آپريشن تحت حج اڏامن جي مانيٽرنگ ڪندو. صبح 9 کان رات 9 وڳي تائين پروگرام معاملن ۽ شفٽ انچارج حافظ ماجد، سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم تربيتوار ٽيليفون نمبر 03334509868 ۽ 03004640184 جڏهن ته رات 9 وڳي کان صبح 9 وڳي تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ شفٽ انچارج ملڪ اسد ۽ ڊي سي او ڪامران شهزاد تربيتوار 03215365023 ۽ 0300512937 ٽيليفون نمبر تي حج پانڌيئڙن کي سندن اڏامن بابت هر قسم جي معلومات جي فراهمي لاءِ دستياب هوندا. حج پانڌيئڙا ڪنٽرول روم جي ٽيليفون نمبر 0519216980 تي به رابطو ڪري سگهن ٿا