رياض-08 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ۽ آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو وچ ۾ٽيلي فون تي رابطو ٿيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفا لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري جو جائزو ورتو ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڪرسٽو فرلينڊ او رابطو ڪيو ، ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفا لاڳاپن ، اسٽريٽجڪ لاڳاپن ، علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .واضع رهي ته آمريڪي صدر دونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي وچ اوڀر جي دوري ۾ سعودي عرب پڻ ايندو.