اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته انتهاپسند ڀارتي حڪومت پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڀارت جي جارحاڻي قدمن سان خطي جي لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پيانٽيدوسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير سينيٽر محمد طلال چوڌري ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. صدر اٽلي جي گهرو وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ هو مختلف شعبن ۾ گڏيل ڪارائتو تعاون بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر اٽلي جي گهرو وزير سان پاڪستان جي خلاف ڀارتي اشتعال انگيز فوجي جارحيت جو ذڪر ڪندي چيو ته انتهاپسند ڀارتي حڪومت پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ڀارت جي جارحاڻي قدمن سان خطي جي لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اطالوي وزير گذريل رات پاڪستان تي ڀارتي حملي ۾ حياتيون ڏيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته موجوده صورتحال جي خاتمي لاءِ پاڪستان جا خدشا پنهنجي حڪومت ۽ عالمي برادري تائين پهچائينداسين. اطالوي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي انساني اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي وڏي گنجائش آهي، اٽلي ۾ 160000 ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني معاشري ۽ ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر نازڪ حالتن ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي اطالوي وزير جا ٿورا مڃيا. بعد ۾ اٽلي ۾ قانوني لڏپلاڻ، هنرمند ليبر جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ مفاهمت جي 2 يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.