اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ارنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو مالياتي نظام مڪمل طور تي محفوظ ۽ مستحڪم آهي ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان ڪم ڪندي ملڪي معيشت جي حفاظت کي يقيني بنائي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مالياتي مارڪيٽ جي تسلسل ۽ قومي اقتصادي سلامتي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس تازي ڀارتي اڳرائيءَ کانپوءِ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي مالياتي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سڏايو ويو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جامع ۽ اثرائتي انداز سان اسٽاڪ مارڪيٽ، قرضن واري مارڪيٽ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽس جي صورتحال جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن ان حوالي سان فوري خطرن جو تجزيو ڪندي ملڪي مالياتي نظام جي استحڪام ۽ تحفظ جو عزم ڪيو. اجلاس ۾ مارڪيٽ جي تسلسل ۽ استحڪام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان سمورن مالياتي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪاروباري سرگرمين جي تسلسل کي يقيني بنائڻ جو عزم ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي اقتصادي ڍانچي جي تحفظ ۽ مالياتي مارڪيٽ کي اطمينان، رهنمائي ۽ اعتماد فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا ۽ مضبوط قدم کڻڻ جي مڪمل خاطري ۽ عزم ظاهر ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن موجوده صورتحال ۾ هر قسم جي خطرن، خاص ڪري سائبر سيڪيورٽي ۽ مواصلاتي نظام جي حوالي سان اضافي طور تي محتاط رهڻ جو عزم ظاهر ڪيو. اجلاس ۾ مالياتي ادارن ۾ آپريشنز جي تسلسل، هم آهنگي ۽ محفوظ رابطا برقرار رکڻ لاءِ متبادل حڪمت عملين کي مضبوط ۽ مستحڪم رکڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ بدلجندڙ صورتحال جو باقائدگيءَ سان جائزو وٺڻ لاءِ، ڪاروباري طبقي جو اعتماد بحال رکڻ ۽ وقت سر رهنمائي ۽ اطمينان فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جو مالياتي نظام مڪمل طور تي محفوظ ۽ مستحڪم آهي.