اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ملڪ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي فورس کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آءِ جي چيو ته سمورن اهم ۽ حساس هنڌن تي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس پنهنجي فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي دشمن سامهون شيهي جي ڀِت جيان بيٺل آهي. اسلام آباد پوليس هر لمحي هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. عوام کي گذارش آهي ته غير تصديق اطلاعن ۽ پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏين، ڪنهن به غير معمولي سرگرميءَ جو اطلاع پڪار 15 تي ڏين.