اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي چيئرمين آفتاب شيرپائو پاڪستان تي ڀارتي حملو بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت جو رويو خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، ڀارت جو قدم انساني قدرن جي ابتڙ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارت رات جي اونڌاهي ۾ حملو ڪري دشمني جو نئون مثال قائم ڪيو، عام شهرين کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڀارت جو قدم انساني قدرن جي ابتڙ آهي، مودي جنگي جنون ۾ پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي، مودي جي چريائپ پوري خطي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. آفتاب شير پائو چيو ته ڀارت جو رويو خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، عالمي برادري ڀارت جي جارحيت جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي فوجي جوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي