اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت جو پاڪستان تي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ فعل آهي، ڀارتي جارحيت خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي، ڀارتي قدم عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي پر خودمختياري ۽ سرحدن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي اثرائتو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. قوم پاڪستاني فوج سان گڏ آهي، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي بهادر فوج هميشه ملڪي سرحدن جي حفاطت م تاريخي قربانيون ڏنيون آهن، دشمن جي هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن ڀيري پڻ دشمن کي جرئت ۽ حوصلي سان جواب ڏنو ويندو. پاڪستان ڀارت جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو ته جيئن دشمن مستقبل ۾ اهڙي حريت ڪرڻ جي همت ڪري. سينيٽ چيئرمين چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي اڳرائي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ خطي ۾ امن امان لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان هر جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. قوم جو هر فرد پنهنجي فوج سان گڏ آهي.