اسلام آباد -06 مئي (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ ڏهين ايڊيشن ۾ 7 مئي تي اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ ميچ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي مزيدار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ جي 26هين ميچ اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ قذافي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس جي روشني ۾کيڏي ويندي.اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ليگ ۾ 8 ميچن مان 5 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ 10 پوائنٽن سان پوائنٽ ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ کي بهترين آل رائونڊر شاداب خان ليڊ ڪري رهيو آهي.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم ڀلوڙ آل رائونڊر سعود شڪيل جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم 8 ميچن مان 5 ميچون کٽيون آهن ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 11 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي پهچي چڪي آهي. ٽورنامينٽ جو فائينل 18 مئي تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.