اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 16 مئي تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڪميٽيءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي 16هين اجلاس جي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي موجوده اجلاس کي 16 مئي تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل هاڻوڪي پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پهلگام واقعي تي ڀارت طرفان ڪوڙن الزامن جي مذمت ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءَ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال تي متفقه قرارداد آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سڀني سياسي پارٽين ڀارت جي ڪوڙي بيانيي کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڪميٽي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، طارق فضل چوڌري، خالد حسين مگسي ۽ ميمبرن ۾ شهلا رضا، اعجاز جکراڻي، ملڪ عامر ڊوگر، اعجاز الحق، نور عالم خان، طلال چوڌري، سيد امين الحق، شازيه عطا مري، زرتاج گل، پولين بلوچ، گل اصغر خان ۽ رياض فتيانه شرڪت ڪئي.