ڪراچي-05 مئي (اي پي پي) سنڌ حڪومت ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ هر قسم جي پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، صوبي ۾ 15 جون 2025ع کان هر قسم جي پلاسٽڪ شاپنگ بيگز جي استعمال تي پابندي هوندي. اها پابندي ڪاري رنگ ۽ ري سائيڪل ٿيل پلاسٽڪ بيگز تي پڻ لاڳو ٿيندي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي ڪابينا 15 اپريل 2025 تي ٿيل پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ جي ماحوليات کاتي جي سفارش تي متفقه طور تي هن فيصلي جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ” پلاسٽڪ پراڊڪٽس رولز 2014″ ۾ ترميم ڪندي سڀني پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان کان اڳ 2019ع ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي جزوي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جنهن جي تحت مخصوص وزن ۽ سائيز جي ٿيلهين جي اجازت هئي پر هاڻي اها مشروط اجازت به ختم ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري ماحوليات آغا شاهنواز خان جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهيون ماحول دوست ناهن ان ڪري سنڌ حڪومت عوامي مفاد ۾ هڪ تاريخي فيصلو ڪيو آهي. اسان ايندڙ نسل کي صاف، سائو ۽ محفوظ ماحول ڏيڻ چاهيون ٿا. پلاسٽڪ کان هميشه لاءِ نجات حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن واضح ڪيو ته خلاف ورزين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ماحولياتي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ شهرين هن فيصلي جي تعريف ڪئي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي قدم کي تاريخي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سيڪريٽري ماحوليات ضلعي انتظاميا، صنعتڪارن، واپارين ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هن قومي مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.