اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان تي ڪوڙا الزام هڻڻ جي روش ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ڀارت سدائين پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ٺاهيو پر پاڪستان هر موقعي تي ذميواري، شفافيت ۽ حقيقت تي ٻڌل ردعمل ڏنو، اڄ ميڊيا کي لائين آف ڪنٽرول جي انهن علائقن جو دورو ڪرايو جن بابت ڀارت دهشتگردي جي خيالي ڪئمپن جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي، لائين آف ڪنٽرول ڀرپاسي سمورن رهائشي علائقن ۽ ڀرپاسي ۾ زندگي معمول موجب آهي. لائين آف ڪنٽرول جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته آزاد ڪشمير جي علائقي بيلا نور شاهه ۽ پير چناسي بابت ڀارتي الزام هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد آهن، هتي نه رڳو مقامي آبادي معمول جي زندگي گذاري رهي آهي پر تعليمي ادارا به هتي موجود آهن ۽ سياحت به معمول موجب جاري آهي. هن چيو ته انهن علائقن ۾ نه ڪنهن دهشتگردي جي ڪئمپ آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا سرگرمي جنهن جي ڀارت دعويٰ ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاران 2019ع ۾ پلواما واقعي کانپوءِ به بالاڪوٽ ۾ خيالي ٽريننگ ڪمپن جو ڊرامو رچايو ويو هو جنهن جو اسان زميني حقيقتن ۽ ثبوتن سان جواب ڏنو، هن ڀيري به ڀارت نقشي جي بنياد تي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي پر اسان کليل دل سان ميڊيا کي موقعو ڏنو ته اهي پاڻ اچي ڏسن ته اهي الزام ڪيتري قدر بي بيناد آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ به اولهندي سرحد تي دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڀرپور ڪارروايون جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي جيڪو امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع کان غافل نه آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. ڪلڀوشن ياديو هڪ زندهه مثال آهي جيڪو پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث هو ۽ گرفتار ٿيو. جعفر ايڪسپريس حملي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاران نه رڳو دهشتگردن کان فوٽيج حاصل ڪيا ويا پر اهي نشر ڪري خوشي جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته اهو واقعو دنيا جي سنگين ترين دهشتگردي جي واقعن مان هڪ هو. هن چيو ته بي ايل اي پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڀارتي چينلز تي انهن جا انٽرويز ۽ بيان نشر ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن عنصرن کي ڀارتي سرپرستي حاصل آهي. هن چيو ته پهلگام واقعو جنهن جو پاڪستان سان ڪو تعلق نه آهي، ان کي بنياد بڻائي پاڪستان تي الزام بازي ڪئي وئي جڏهن ته ايف آءِ آر واقعي جي رڳو 10 منٽن کانپوءِ داخل ڪئي وئي ۽ انٽرنيشنل ميڊيا به ڏيکاري رهي آهي ته پهلگام واقعي جون ڪوڙيون وڊيوز هلايون ويون. اطلاعات واري وزير چيو ته ڀارت جي 9 لک قابض فوج ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجود آهي، ڇا اها رڳو ڪشميري عوام تي ظلم ڪرڻ جي لاءِ مقرر آهي؟ پهلگام واقعو حقيقت ۾ ڀارتي سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي. هن چيو ته پاڪستان تي ان فالس فليگ آپريشن جو الزام هڻڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي ڇو ته پاڪستان واقعي جي شفاف جاچ جي آڇ ڪئي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جا هٿ صاف آهن. هن چيو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. هن چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت جڏهن حملو ڪيو هو ته اسان ٻه ڀارتي جهاز ڪيرايا هئا ۽ ان جو پائليٽ به گرفتار ڪيو، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندو ته دفاع ايترو ڀرپور انداز ۾ ڪنداسين جو ڀارت جا ڪيترائي نسل ياد رکندا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻن جي قتل جي منصوبابندي ۾ پڻ ڀارتي ڪردار سامهون آيو آهي. ڪئناڊا جي وزيراعظم واضح لفظن ۾ چيو ته هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ڀارت ملوث آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير واضح ڪيو ته لائين آف ڪنٽرول سان گڏ سمورا علائقا پرامن آهن ۽ اتي نه ڪا دهشتگردي جي ڪئمپ آهي نه ڪا غيرمعمولي سرگرمي آهي. ڀارت جي پروپئگنڊه رڳو دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش آهي جيڪا هاڻي وڌيڪ ڪامياب نٿي ٿي سگهي.