اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عالمي ۽ مقامي ميڊيا سان گڏ لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي انهن علائقن جو دورو ڪيو جن کي ڀارت ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۾ مبينا دهشتگردي جا ٺڪاڻا قرار ڏيندو رهيو آهي، دوري جو مقصد ڀارتي پروپئگنڊه کي زميني حقيقتن جي ذريعي بي نقاب ڪرڻ هو ته جيئن دنيا پاڻ ڏسي سگهي ته ڀارت پاران هنيل الزام ڪيتري حد تائين بي بنياد، هٿ ٺوڪيا ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ڄاڻايل دوري ۾ سهولت فراهم ڪئي وئي. ميڊيا جي نمائندن کي انهن مخصوص جاين تي آندو ويو جن کي ڀارت پاران مبينا دهشتگردي جا ٺڪاڻا قرار ڏنو ويو هو، زميني حقيقتون مقامي آبادي جي گواهي ۽ حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪري ميڊيا انهن ڀارتي دعوائن جي حقيقتون ڄاڻڻ جو موقعو حاصل ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت پاران ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي خلاف بي بنياد الزام هنيا ويا پر اڄ اسان عالمي ۽ ملڪي ميڊيا جي سامهون سموريون حقيقتون رکي ڇڏيون آهن، جيڪي جايون ڀارت خيالي دهشتگردي ڪيمپس قرار ڏئي رهيو آهي اهي اصل ۾ عام شهري آبادي وارا علائقا آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، جيڪا نه رڳو علائقائي پر عالمي امن جي لاءِ به پرعزم آهي. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ دهشتگردي يا دهشتگرد سرگرمين جي مذمت ڪري ٿو، اسان پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو آهي ته اسان امن جا پيروڪار آهيون، جيتوڻيڪ پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ اسان هر حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت هڪ طرف پاڪستان تي الزام بازي ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف هو پاڻ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. ڀارت پنهنجي داخلي ناڪامين کي لڪائڻ جي لاءِ لائين آف ڪنٽرول تي پروپئگنڊه ڪري ٿو پر اڄ عالمي ميڊيا پاڻ پنهنجي اکين سان اصل حقيقت ڏسي ورتي آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا آڏو واضح ڪيو آهي ته هو علائقائي امن جي لاءِ پرعزم آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.