ڪراچي-05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فتح سيريز جو زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آھي ته هيءَ ڪاميابي پاڪستان جي دفاعي تياري، ٽيڪنالاجيءَ ۾ پاڻڀرو ٿيڻ ۽ قومي سلامتي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو دشمن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ اسانجي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي اڻٿڪ محنت ئي اها ڪاميابي ممڪن بڻائي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جديد نيويگيشن سسٽم سان ليس فتح ميزائل قومي دفاعي نظام ۾ هڪ مضبوط اضافو آهي. ھن چيو ته ھن تجربي دشمن جي جارحيت خلاف موثر جواب کي پاڪستان جي صلاحيت جي تصديق ڪئي آهي. وڏي وزير پاڪ فوج، هن تجربو ۾ شامل سمورن آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر سپاهين، سائنسدانن ۽ اسٽريٽجڪ ادارن تي فخر آهي ۽ سنڌ حڪومت وطن جي دفاع جي هر محاذ تي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.