اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنگاپور جي چونڊن ۾ وزيراعظم لارنس وانگ ۽ سندس پارٽي کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو سنگاپور جي ترقي ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنگاپور جي وزيراعظم جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي. پاڪستان سنگاپور سان اهم شعبن ۽ گڏيل مفادن لاءِ پائيدار شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو خواهشمند آهي.