اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال ملڪ چيو آهي، ته آزاد ڪشمير کي وار ڪائونسل ۾ ڊڪليئر ڪرڻ گهرجي، فالس فليگ آپريشن بعد ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پهلگام حملي جو ڦاٽ ڦاٽڻ کان پوءِ ملبو ڪشميرين تي اڇلايو پيو وڃي. پنهجي هڪ بيان ۾ مشعال ملڪ چيو آهي، ته ڀارت آبي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت جي هڪ طرفاڻا قدم غيرقانوني آهن، لائين آف ڪنٽرول جي چوڌاري رهندڙن کي سيلف ڊفينس جي ٽريننگ ڏني وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ڪشميرين جي گهرن کي بارود سان اڏائي رهيو آهي، ڪشميرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم کي اپيل آهي، ته قوم کي خطاب ذريعي اعتماد ۾ وٺي، مشعال ملڪ چيو ته جنگ جي تلوار لڙڪي رهي آهي، ڪشمير فليش پوائنٽ آهي، پارليامينٽ جو گڏيل سيشن گهرايو وڃي، ڀارت سان شملا معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي، مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي وڃڻ گهرجي، ڀارت اڄ تائين جيڪي به معاهدا ڪيا انهن ۾ ڌوڪو ڏنو، گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو مسئلو خوداراديت واري حق جو آهي، ڪشمير مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ آزادي جو حق ڏنو وڃي.