سرينگر -03 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انتظاميه پهلگام واقعي کان پوءِ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 75 ڪشميرين تي ڪارو قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ (پي ايس اي) لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز اهلڪارن 22 اپريل تي پيش آيل پهلگام واقعي کان پوءِ والاريل علائقي ۾ مسلسل گهيراءَ ۽ ڳولا جي ڪارروائين ۽ڇاپن دوران هن وقت تائين 2500 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار جڏهن ته 3 درجن گهر ڊاهي ڇڏيا آهن. انسپيڪٽر جنرل پوليس ڪشمير زون وي تصديق ڪئي آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهن مان 75 تي پي ايس اي لاڳو ڪيو ويو آهي، ان قانون تحت ڪيس هلائڻ کان سواءِ ڪنهن کي به ٻن سالن تائين قيد ۾ رکي سگهجي ٿو. ڀارتي فورسز اپران بانڊي پوره، ڪپواڙه، بارهمولا، گاندربل، بڊگام، شوپيان، ڪولگام، اسلام آباد، پلوامه، ڪشتواڙ، ڊوڊه، راجوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ پڻ وڏي پئماني تي گهيراءُ ۽ ڳولا جي ڪاررائين جو سلسلو جاري رکيو آهي.