اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعودي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ته هن سدائين پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پهلگام واقعي کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سڀني صورتن جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان گذريل سالن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن جيڪي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي تحفظ جي لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيون آهن. هن بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي بي بنياد ڀارتي الزامن کي رد ڪيو ۽ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. سعودي عرب سميت دوست ملڪن جي تعاون سان گذريل 15 مهينن جي محنت سان حاصل ٿيندڙ معاشي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ تي حڪومت جي مڪمل ڌيان کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪاميابين کي خطري ۾ وجهڻ ۽ ملڪ کي اقتصادي ترقي جي راهه تان هٽائڻ جون ڀارتي ڪوششون ناقابل فهم آهن. هن سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سعودي سفير ان اهم معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.