اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.