پشاور-25 اپريل (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جو پروگرام موجوده حڪومت جو انقلابي قدم آهي، نوجوان وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ رجسٽريشن ڪرائين. هو ڪالهه غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (ٽوپي) ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. هن شرڪت ڪندڙن کي نيشنل ايڊوليسنٽ اينڊ يوٿ پاليسي ۽ ليپ ٽاپ رجسٽريشن جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو. رانا مشهود احمد چيو ته وفاقي حڪومت نوجوانن جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، جن ۾ مفت ليپ ٽاپ اسڪيم به شامل آهي. هن اعلان ڪيو ته هزارين حقدار شاگردن کي بنا وياج جي قرضن تي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا. هن ٻُڌايو ته هر سال وفاقي سطح تي ميرٽ جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا ۽ ان اسڪيم لاءِ رجسٽريشن جي آخري تاريخ 20 مئي مقرر ڪئي وئي آهي. رانا مشهود احمد خان چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ رجسٽريشن وزيراعظم جي ڊجيٽل يوٿ حب ذريعي ڪئي ويندي ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورن پبلڪ سيڪٽرز جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ان اسڪيم لاءِ اهل هوندا. هن چيو ته وزيراعظم جو يوٿ پروگرام غير سياسي آهي ۽ سڀئي سهولتون مڪمل طور ميرٽ تي فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين چيو ته ڪي پي ڪي جي نوجوانن کي ووڪيشنل ايجوڪيشن ٽريننگ ڏني پئي وڃي ۽ سموريون نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي فراهم ڪيون وينديون. رانا مشهود چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي فراهم ڪيل ليپ ٽاپس عيوض هزارين نوجوان نه صرف ملڪي پر پرڏيهي مارڪيٽن ۾ باعزت روزگار ڪري رهيا آهن جيڪو اسان لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 28 مئي 1998ع تي ڀارت جي 5 ايٽمي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 6 ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بنائي ڇڏيو ۽ هاڻ ڪوبه ملڪ ڀارت سميت اسان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته ملڪ دشمن ڌُريون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ بدامني پکيڙڻ چاهين ٿيون پر انهن سڀني جا ناپاڪ عزم عوامي حمايت سان مٽيءَ ۾ ملايا ويندا. هن چيو ته پاڪستان 25 ڪروڙ عوام ۽ هڪ پروفيشنل فوج رکندڙ آهي ۽ مضبوط ملڪ آهي ۽ ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.