رام الله/ تل ابيب-25 اپريل (اي پي پي) اسرائيل چيو آهي ته اتر غزه جا رهواسي ڪنهن به قسم جي امڪاني حملي کان اڳ علائقو خالي ڪري ڇڏين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيل جي فوج جي جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اتر غزه جا سمورا رهاڪو خاص طور تي بيت حانون ۽ شيخ زيد جي آبادي جي رهاڪن کي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي امڪاني حملي کان اڳ هو علائقي مان نڪري ُوڃن. بيان موجب اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي خلاف استعمال ٿيندڙ علائقن تي زبردست حملو ڪندا. واضح رهي ته اسرائيل جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي 18 مارچ تي غزه تي فوجي حملو ٻيهر شروع ڪيو هو جنهن سبب هاڻي تائين وڌيڪ 1928 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.