ابو ظھبي – 25 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد چيو آھي ته ھٿياربند فوج جي ترقي، سندن عسڪري صلاحيتن جي تجديد ۽ انھن جي آپريشنل تياري کي سگھه ڏئي ملڪي دفاع، سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ اسان جي پھرين اسٽريٽيجڪ ترجيح آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ھن گذريل ڏينھن خليفه بن زيد دوم ايئر بورن برگيڊ جي دوري دوران ھٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات دوران چئي. گڏيل عرب امارات جي صدر برگيڊ جي آپريشنل ڪردار کي ساراھيو. ان موقعي تي کيس برگيڊ جي تنظيم ۽ آپريشنل مشن سان گڏو گڏ ملڪ جي دفاعي نظام ۾ ان جي اھم ڪردار بابت خطاب تي روشني وڌي وئي. گڏيل عرب امارات جي صدر چيو ته ھٿياربند فوج جي ترقي، ان جي عسڪري صلاحيتن جي تجديد ۽ ان جي آپريشنل تياري کي سگھه ڏئي ملڪ جي دفاع ۽ ان جي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ پھرين ترجيح آھي.