واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ تڪرار جو جلد خاتمو چاهيون ٿا ان طرف اهم اڳڀرائي ٿي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن يوڪرين تي روس جي تازي حملي سان ڇڪتاڻ وڌڻ بعد وائيٽ هائوس ۾ ناروي جي وزيراعظم جوناس گورسٽور سان ملاقات جي موقعي تي صحافين مان ڳالهه ٻولهه دوران چئي. هن چيو ته خواهش آهي ته روس – يوڪرين جنگ جلد ختم ٿئي. هو ڪيف تي تازي روس جي حملي سان خوش ناهي. هن چيو ته آمريڪا روس تي شديد دٻاءَ وجهي رهيو آهي ته هو يوڪرين تي حملا روڪي جلد روس خلاف پابندي بابت سوالن جو جواب ڏيندو. سندس چوڻ هيو ته يوڪرين وڏو علائقو وڃائي ويٺو آهي جيڪو ٻيهر حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.