گڏيل قومون-25 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان ۽ ڀارت کي اپيل ڪئي آهي ته هو وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿياربند حملن کانپوءِ ٿيل صورتحال ۽ اڳڀرائي وڌيڪ خراب نه ٿئي. گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ باقاعده بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل صورتحال کي ويجهي کان ڏسي رهيو آهي ۽کيس انتهائي ڳڻتي به آهي.