اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) مذھبي معاملن واري وزارت چيو آھي ته 2005ع لاءِ فلائيٽ آپريشن اڱاري ڏينھن 29 اپريل کان شروع ٿيندي، پھرين حج اڏام اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ٿيندي. مذھبي معاملن وارو وفاقي وزير ۽ سعودي عرب جو سفير پھرين حج اڏام کي روانو ڪندا. مذھبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق جن حج پانڌيئڙن جي اڏام جنھن شھر مان آھي ان ئي لاڳاپيل حاجي ڪيمپ تان کين ويزه، ٽڪيٽ ۽ لاڪيٽ ملندو، سموري ايڊريس پاڪ حج ايپ تي موجود آھن. ھن چيو ته حج پانڌيئڙا پاڪ حج موبائيل ايپ ذريعي مذھبي معاملن واري وزارت طرفان ملڻ واري ھداتين تي عمل ڪن. سندس چوڻ ھو ته ھلندڙ سال سرڪاري اسڪيم تحت 98 ھزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪندا، حج فلائيٽ آپريشن ھڪ مھيني تائين جاري رھندو. ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙن کي چيو ويو آھي ته پنھنجي لاڳاپيل حاجي ڪيمپ تان بروقت ويڪسينيشن جو عمل مڪمل ڪن ۽ مذھبي معاملن واري وزارت طرفان حج جي حوالي سان ڏنل ھدايتن تي عمل کي يقيني بڻائين.