ٽوڪيو-25 اپريل (اي پي پي) جاپان ۾ گاڏي درياهه ۾ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا . پرڏيهي ميڊيا موجب آئيڊا ووڪيشنل ٽريننگ اسڪول جي پرنساپل هيرو ڪازو ايزاوا ٻڌايو ته حادثو لنچ بريڪ ۾ پيش آيو ۽ جن 4 ماڻهن سان حادثو پيش آيو انهن اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ صبح جو هنن ڪلاس به ورتو . حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.