رياض-25 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي سياحت واري وزارت ٽوئر آپريٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته سعودي يا پرڏيهي ملڪن مان مڪي پهتل صرف انهن ماڻهن کي هوٽل جي بڪنگ ڏني وڃي جن وٽ حج ويزه هجي جڏهن ته حج ويز کان سواءِ مڪي ۾ رهائش لاءِ بڪنگ نه ڏني وڃي . ميڊيا رپورٽن موجب 29 اپريل 2025ع کان حج سيزن جي باقاعده شروعات تي سياحت واري وزارت سمورن ٽوئر آپريٽرز کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهڙا پرڏيهي جن وٽ مڪه پاس پرمٽ هجي يا حج ويزه تي مڪي آيل هجن صرف انهن کي مڪي جي هوٽلن ۾ بڪنگ ڏني وڃي جڏهن ته ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي هوٽل ۾ رهائش لاءِ بڪنگ نه ڏني وڃي جڏهن ته ان جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. گهرو زوارت اهو حڪم پرڏيهي ملڪن مان ايندڙ حج پانڌيئڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ کنيو آهي ته جيئن مڪي ۾ رش نه ٿئي ۽ حج پانڌيئڙا آرام ۽ سڪون سان وڌ کان وڌ عبادت ڪري سگهن.