رياض-25 اپريل (اي پي پي)سعودي ايئر لائن (السعوديه) هلندڙ سال حج پانڌيئڙن لاءِ ٿڌو احرام متعارف ڪرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سعودي ايئر لائن جي مارڪيٽنگ مينيجر موجب ڪولڊ احرام کي مخصوص ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ڊيزائن ڪيو ويو آهي ، جيڪو جسم کي ٿڌو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ٻڌايو ته احرام جي تياري ۾ آمريڪي ڪمپني جو سهڪار حاصل رهيو، احرام کي دبئي جي عربين ٽريول مارڪيٽ ٽي ايم 2025ع ۾ پيش ڪيو ويندو . ٿڌي احرام جي حوالي سان هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪپڙي جي تياري لاءِ جيڪا ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي ان جي اها خاصيت آهي ته اها انساني چمڙي کي گرمي جي تپش کان محفوظ رکندي جڏهن ته گرمي جي تپش کي هڪ کان ٻه ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽ ڪري سگهبو جنهن سان احرام پاتل حاجي کي گرمي جو احساس گهٽ ٿيندو. واضع رهي ته ٿڌي احرام جي شروعات جون 2025 کان ڪئي ويندي.