جنيوا-25 اپريل (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ننڍي عمر جي شادي ڳورهارين عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب آهي، تنهن ڪري ڇوڪرين کي اسڪول موڪلي ننڍي عمر جي شادين جو خاتمو ڪري ڳورهارين عورتن جي موت کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري عالمي اداري ۾ جنسي ۽ توليدي صحت ۽ تحقيق جي شعبي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاسڪل ايلوٽي چيو آهي ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين تي وقت کان اڳ حمل جا سنگين جسماني ۽ نفسياتي اثر پوندا آهن. هي عام طور تي بنيادي اڻبرابري جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا جيڪي ڇوڪرين جي خانداني ۽ سماجي لاڳاپن ۽ زندگين جي جوڙجڪ تي اثرانداز ٿيندا آهن. ڊبليو ايڇ او طرفان جاري رپورٽ موجب ننڍي عمر جي شادين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، 2021ع ۾ هر 25 مان هڪ ڇوڪريءَ 20 سالن جي عمر کان اڳ ٻار کي جنم ڏنو جڏهن ته 2001ع ۾ اها شرح 15 هئي، هاڻي به ان حوالي سان تمام وڏو فرق آهي ۽ ڪجهه ملڪن ۾ هر 10 مان هڪ ڇوڪريءَ 15 کان 19 سالن جي عمر ۾ ٻار کي جنم ڏئي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته گهٽ ۽ وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن ۾ هر سال 2 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ بالغ ڇوڪريون ڳورهاريون ٿين ٿيون، انهن ۾ 90 سيڪڙو ٻارن جي پيدائش اهڙين عورتن وٽ ٿيندي اهي جن جي شادي 18 سالن کان پهرين ڪئي ويندي آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سمورين ڇوڪرين کي ثانوي درجي تائين تعليم ميسر اچي ته ننڍي عمر جي شادين ۾ وڏي گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. يونيسيف موجب ڇوڪرين جي بهتر مستقل لاءِ تعليم جي وڏي اهميت آهي، ان کانسواءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي کي گڏيل رضامندي تي لاڳاپن جي تصور کي سمجهڻ ۽ صنفي اڻبرابري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏي پئماني تي ننڍي عمر جي شادي ۽ وقت کان اڳ ڳورهاري ٿيڻ جو وڏو سبب آهي.