رياض-25 اپريل (اي پي پي ) ٽيسلا ڪمپني پنهنجيون اليڪٽرڪ گاڏيون (سائبر ٽرڪون) سعودي مارڪيٽ ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ اماڻڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيسلا ڪمپني 10 اپريل تي سعودي عرب ۾ باضابطه طور تي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪندي . پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صارفين کي آن لائين ٽيسلا گاڏيون آرڊر ڪرڻ جي به سهولت ڏني ويندي .ٽيسلا چيو آهي ته سعودي عرب ۾ شاپنگ مالز ۾ شورومز جو افتتاح ڪيو ويندو. اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چار جنگ اسٽيشنن جو نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو ۽ خصوصي سروس سينٽرز قائم ڪيا ويندا.