گڏيل قومون-25 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ جاري اسرائيلي اڳرائيءَ سبب هڪ مهيني دوران تقريبن 5 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ چئي. اداري چيو ته اسرائيلي فوج طرفان بار بار جاري ڪيل جبري نيڪالي جي حڪمن فلسطينين کي غزه جي صرف هڪ ڀاڱي چوٿون حصو کان به گهٽ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ گذريل مهيني دوران غزه جي پٽيءَ ۾ 5 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. اداري چيو ته اها ڳالهه باقي رهيل علائقو نه صرف تباهه ٿيو ۽ غير محفوظ آهي پر مشڪل سان ئي انساني رهائش جي قابل آهي. ايجنسي اها به نشاندهي ڪئي ته پناهگاهون شديد حد تائين ڳتيل ٿي چڪي آهي، بنيادي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا سخت جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ باقي رهيل وسيلا تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن.