ڪابل – 25 اپريل (اي پي پي)افغانستان جي قنڌار صوبي ۾ ڪچي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي صوبائي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته اھو واقعو خميس جي رات ان وقت پيش آيو جڏھن ٻارن جا مائٽ قنڌار شھر جي پوليس ڊسٽرڪٽ 15 جي ڀرپاسي ۾ ھڪ دعوت لاءِ گڏ ٿي رھيا ھئا، ته گھر جي ڇت ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ 2 ٻار فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، انھن مان 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.