اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سامونڊي حڪمت عملين جو جائزو ورتو ويو. گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بليو اڪانامي کي هٿي وٺائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. پاڪستان جي بليو اڪانامي کي قومي ترقي جو محرڪ بڻائينداسين. هن چيو ته ماهيگيري، آبي زراعت ۽ سامونڊي سياحت کي هٿي وٺرائينداسين. ماحولياتي تحفظ ۽ سامونڊي ايڪو سسٽم جي بحالي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وائيس ايڊمرل چيو ته پاڪستان ميري ٽائيم ايگزيبيشن ڪانفرنس جي ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون. ميري ٽائيم نمائش سان معيشت کي هٿي ملندي.