واشنگٽن – 23 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو روم ۾ ڪيٿولڪ مسيحي برادري جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو . ٽرمپ پنهنجي سوشل مڊيا پليٽ فارم تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته مان ۽ ميلانيا ٽرمپ پوپ فرانسس جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪنداسين . هن وائيٽ هائوس، عوامي ۽ فوجي ملڪيتن، بحريه جهازن ۽ پرڏيهي آمريڪي سفارتي مشينن تي قومي جهنڊو جهڪيل رکڻ جي پڻ هدايت پڻ ڪئي ته جيئن پوپ فرانسس جي ياد ۾ احترام جو اظهار ڪري سگهجي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ويٽيڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ اڪثر ڇڪتاڻ رهي آهي . پر ايسٽر جي موقعي تي وائيٽ هائوس ۾ هڪ تقريب دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پوپ هڪ سٺو ، محنتي ۽ سڄي دنيا سان محبت ڪندڙ انسان هو. ان کان اڳ صدر ٽرمپ ڄاڻايل پليٽ فارم تي هڪ مختصر پيغام ۾ پوپ فرانسس کي خراج عقيدت پيش ڪيو.